ڊي جي سنڌ ڪاليج لٽريري ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي

ڊي. جي. سنڌ ڪاليج لٽريري ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي: هيءَ سوسائٽي 1909ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جي نگرانيءَ ۾ هفتيوار جلسا ٿيندا هئا، جن ۾ استاد ۽ شاگرد شريڪ ٿيندا هئا. هن سوسائٽيءَ، شاگردن ۾ تقريري مقابلا ڪرايا، کين ڳالهائڻ جو فن سيکاريو ۽ پنهنجو نظريو ٻين تائين پهچائڻ جا گُر سيکاريا. هيءَ سوسائٽي ان دؤر جي مشهور عالمن ۽ دانشورن کي گهرائي تقريرن جو بندوبست ڪندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو